سيد محمد شجاع ثاني

سيد محمد شجاع ثاني: سيد محمد شجاع ثاني ولد پير محمد شاهه لکوي 1193هه/ 1773ع ۾ ضلعي شڪارپور جي شهر لکي غلام شاهه ۾ ڄائو. سندن خاندان ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريا آهن. محمد شجاع (ثاني) وڏو عالم اديب ۽ فارسي زبان جو شاعر هو. کيس عروض جي ڄاڻ هئي. هي غزل گو ۽ صاحب ديوان شاعر هو. هن جي ڪلام ۾ عشق رسول صلي الله عليه وسلم، نصيحت ۽ اخلاق جو تاثر ملي ٿو ۽ سندس فارسي ڪلام کان سواءِ هڪ مولود سنڌيءَ ۾ به ملي ٿو، جنهن جا ڪجھه بند نموني طور ڏجن ٿا:
حال چئجو هي، منهنجو مير مڪي شاهه کي،
او ادا! ميان حاجيو !
رحمت آهي رسول تي، ڪيئن ٻاجھه گھران کئون ٻئي،
او ادا! ميان حاجيو !
سيد محمد شجاع، پنهنجي اباڻي ڳوٺ لکي غلام شاهه ۾، 1263هه مطابق 1846ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد محمد شجاع ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو